جوڻيجو مائي ڪالر

جوڻيجو، مائي ڪالر: مائي ڪالر 1865ع ڌاري ڳوٺ شير محمد جوڻيجي ۾ ڄائي، پنهنجي زمين تي ڳوٺ ٻڌرايائين، جنهن جي ڪري هاڻي اهو ڳوٺ مائي ڪالر جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو موجوده تعلقي دولتپور ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) ۾ واقع آهي. مائي ڪالر جي ست، اٺ سؤ کن ايڪڙ زمين هئي ۽ سندس نالي سان ڪڙيو سڏجي ٿو. هيءَ پٽڪو ٻڌندي هئي ۽ وڏو ٽوپ به پائيندي هئي. گربيءَ جي سٿڻ، پهراڻ ۽ ڀرت ڀريل چولو پائيندي هئي. گھوڙي تي چڙهي گھمندي هئي. گول چهرو، وار وڏا ويڙهيل ۽ انتهائي خوبصورت هئي. فيصلا به ڪندي هئي ۽ ڏوهاري ماڻهن کي سزائون به ڏيندي هئي. سندس انصاف سان ڪيل فيصلن کي ڏسي حڪومت جا آفيسر به سندس فيصلن جي حمايت ڪندا هئا. هڪ دفعي نهچل داس نالي مختيارڪار مائي ڪالر سان چرچو ڪري کيس غلط لفظ ڳالهايو، جنهن جي جواب ۾ مائي ڪالر ان مختيارڪار کي سرِ عام پادر هنيا. مائي ڪالر کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو محمد لائق هو، جڏهن اهو نوجوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو ته هن آفيسن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. بلڪه سڀ سماجي ڪم ڪار ڇڏي صوفياڻي رنگ ڏانهن لاڙو ڪيائين. مائي ڪالر جوڻيجو 1930ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو